پيروسڻ واسي ٽئين ڪلاس جو شاگرد نانگ جي ڪکڻ بعد وئڪسين نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ الهڏني عامر جي رهواسي 10ورهين جي نينگر حاجي حيات پٽ رياض حسين عامر کي نانگ ڪکي وڌو.
وارثن نينگر کي ٺري ميرواهه تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جتي وئڪسين نه ملڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي دم ڏنو.
فوتي نينگر جي وارثن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميا تي نينگر جي قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي .