پير وسڻ ويجهو ڳوٺ سيري ۾ ٻنيءَ جي مالڪيءَ تان شيخ ۽ خاصخيلي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٻنيءَ جي مالڪيءَ تان شيخ ۽ خاصخيلي برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪري ورتو.
زخمين ۾ لياقت شيخ، غلام نبي شيخ، عرفان شخ ۽ حاڪم خاصخيلي شامل آهن.