پير وسڻ ويجهو هٿياربندن اوطاق تي ننڊ ستل نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ سارنگ ڀٽو ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي ننڊ ستل عارف ڀٽو کي قتل ڪيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ٺري ميرواهه جي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
عارف ڀٽو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
نوجوان سان اوطاق تي گڏ ننڊ ستل ٻن مائٽن جو چوڻ آهي ته رات دير سان ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن اوطاق ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي جڏهن ته گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ عارف ڀٽو قتل ٿي ويو، ڳوٺاڻن طرفان پيڇو ڪرڻ تي هٿياربند فرار ٿي ويا.
