- Advertisement -
پير ڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.
فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو تي هٿياربندن ڪاهه ڪئي.
هٿياربندن سراج ۽ اسلم ناريجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
اسلم ۽ سراج ناريجو جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
