تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ جو مسلسل مطالبو آهي ته چونڊ شيڊيول ۽ اليڪشن جي قطعي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي: نيئر بخاري

پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ جو مسلسل مطالبو آهي ته چونڊ شيڊيول ۽ اليڪشن جي قطعي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته نگران حڪومت جو مينڊيٽ  چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي، نگران سيٽ طرفان ڪنهن جو پاسو کڻڻ وارو تاثر ڌر بڻجڻ برابر آهي.

هن چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوري پارلياماني نظام جي تسلسل لاءِ چونڊون ضروري آهن، صدر ۽ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ لاءِ اليڪٽرولر ڪاليج ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي موجودگي ضروري آهي.

نيئر بخاري چيو ته مارچ ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جا عهدا توڙي اڌ سينيٽ خالي ٿي ويندي.

پ پ اڳواڻ چيو ته نوازشريف پي ٽي آءِ حڪومت جي اجازت ۽ عدليا جي حڪم تي پرڏيهه ويو هو، کيس سزا ٻڌايل آهي، کيس قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، عدليا خاص رليف جو مثال قائم نه ٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ چونڊن واري پنهنجي فيصلي تي عمل يقيني بڻائي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون