پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ امدادي چيڪ ورهائيندو، هو پيپلز لائرز فورم جي ڪنوينيشن کي به خطاب ڪندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو.
ملاقاتن دوران ملڪ جي مجموعي ۽ صوبائي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.