تازه ترين

پيپلزپارٽي جي ڪاميابيءَ خلاف ڌرڻا هڻندڙ پارٽيون عوام جي فيصلي جي توهين ڪري رهيون آهن: نثار کهڙو

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي ڪاميابيءَ خلاف ڌرڻا هڻندڙ پارٽيون عوام جي فيصلي جي توهين ڪري رهيون آهن، سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽين جا ڌرڻا عوام خلاف آهن، عوام جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ کي رد ڪيو، ڌرڻن جي سياست ڇڏي ملڪي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽين جا ڌرڻا عوام خلاف آهن، عوام گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس ۽ جي يو آءِ کي رد ڪيو آهي ته ڌرڻا هڻي عوام جي توهين نه ڪريو.

سندس چوڻ هو ته ڌرڻا هڻندڙ ڌرڻن جي سياست ڇڏي ڏين، ملڪ جا ٻيا به مسئلا آهن، ڌرڻا هڻي احتجاج ڪري عوام جي فيصلي جي توهين نه ڪئي وڃي.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته عوام خلاف اتحاد ٺهندا ته عوام به اهڙي طرح فيصلو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، پيپلزپارٽي جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي آهي، جيڪا مخالفن کان برداشت نه ٿي رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابيءَ خلاف احتجاج ڪندڙ پارٽيون عوام کي وڌيڪ پنهنجو مخالف بڻائي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڌرڻن کي عوام پنهنجي خلاف احتجاج سمجهي رهيو آهي.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي کي عوام ڪامياب ڪيو آهي ته مخالف پارٽين کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، پ پ سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، پيپلزپارٽي وفاق ۾ ڪنهن سان اتحاد ڪندي يا نه اهو فيصلو پارٽي جي سي اي سي ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون