سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلزپارٽي جي سالگرهه تي پ پ قيادت، ڪارڪنن ۽ حامين کي سلام پيش ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن ٻي پارٽي وٽ ناهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي طاقت، طبي سهولتون. تعليمي ادارا، هارين ۽ پورهيتن لاءِ پاليسيون ڏنيون، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو عورتن سميت هر طبقي لاءِ اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن ناهي ڪيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد راڻي فرسٽ وومين بينڪ، وومين پوليس اسٽيشن، بيسڪ هيلٿ يونٽس ۽ بنيادي تعليم ڏني، صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، بلوچستان جي حقن، پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ صدر پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا.
هن چيو ته پرڏيهي وزير طور پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي دنيا کي پيغام ڏنو ته کين ڪلائميٽ جسٽس ملڻ گهرجي، هن وقت به پ پ 21 لک خاندانن لاءِ گهر ٺاهي رهي آهي، اهو عوامي پارٽي هئڻ جو ثبوت آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري ارڙهين ترميم جو تحفو ڏنو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واحد ليڊر آهي جنهن ڪلائميٽ جسٽس جو مطالبو ڪيو، پيپلزپارٽي جي عوامي پارٽي هئڻ جو اهو ثبوت آهي ته جيالا جيل ۾ ويهي ڪري به وڏا بت ڪيرائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي ترقي، خوشحالي، ترقي ڪندڙ سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.