تازه ترين

پيپلزپارٽي پٺتي پيل طبقي جي نمائندا پارٽي آهي: سنڌ جو وڏي وزير مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي پٺتي پيل طبقي جي نمائندا پارٽي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي پنهنجي سياست جو محور بڻايو، عوام کي پنهنجي حقن جو شعور شهيد ڀٽو ڏنو. پيپلزپارٽي جي 57هين سالگرهه تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽٽل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، ملڪ کي پهريون آئين ۽ ايٽمي پروگرام ڏنو. سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽو معيشيت کي سنڀال لاءِ ادارا ٺاهيا، سياست کي اشرافيه کان ڪڍي پٺتي پيل طبقن کي ايوانن تائين پهچائڻ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهيد ڀٽو کانپوءِ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو عوامي سياست جي قيادت ڪئي، ملڪي سياست اڄ به شهيد بي بي جي سياسي فلسفي جي چوڌاري گهمي رهي آهي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي ملڪ کي بچايو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين سياسي استحڪام لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي نوجوان قيادت پاڪستاني سياست کي نئين توانائي ڏني آهي، پيپلزپارٽي عوامي جدوجهد جي علامت آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون