تازه ترين

پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي

پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي.

سنڌ ٽي وي نيوز خميس ڏينهن پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ معاهدي جي اهم شق جي تفصيلن تي ٻڌل خبر ڏني هئي.

خبر ۾ چيو ويو ته ن ليگ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ اسپيس ڏيندي ۽ ڏکڻ پنجاب جي  انتظامي فيصلن ۾ پ پ شامل ڪندي.

پ پ ڏکڻ پنجاب جي ترجمان ۽ ايم اين اي نوابزاده  افتخار احمد سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيم ۾ ڳالهائيندي ان خبر جي تصديق ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومتي سازيءَ وقت ن ليگ سان پ پ جو لکت ۾ معاهدو ٿيو هو،  پر ن ليگ ان تي عمل نه پئي ڪيو،  جنهن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

نوابزادا افتخار احمد چيو ته ن ليگ  سان طئه ٿيو هو ته ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ کي انتظامي فيصلن ۾ شامل ڪيو ويندو، هاڻي ن ليگ معاهدي تي عمل جي خاطري ڪرائي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون