تازه ترين

پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي

- Advertisement -
پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي. سنڌ ٽي وي نيوز خميس ڏينهن پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ معاهدي جي اهم شق جي تفصيلن تي ٻڌل خبر ڏني هئي. خبر ۾ چيو ويو ته ن ليگ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ اسپيس ڏيندي ۽ ڏکڻ پنجاب جي  انتظامي فيصلن ۾ پ پ شامل ڪندي. پ پ ڏکڻ پنجاب جي ترجمان ۽ ايم اين اي نوابزاده  افتخار احمد سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيم ۾ ڳالهائيندي ان خبر جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومتي سازيءَ وقت ن ليگ سان پ پ جو لکت ۾ معاهدو ٿيو هو،  پر ن ليگ ان تي عمل نه پئي ڪيو،  جنهن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. نوابزادا افتخار احمد چيو ته ن ليگ  سان طئه ٿيو هو ته ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ کي انتظامي فيصلن ۾ شامل ڪيو ويندو، هاڻي ن ليگ معاهدي تي عمل جي خاطري ڪرائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
33.7 ° C
33.7 °
33.7 °
7 %
7kmh
96 %
اربع
32 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون