پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي

- Advertisement -
پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي ترجمان نوابزادا افتخار احمد، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ معاملا طئه ٿيڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جي تصديق ڪئي آهي. سنڌ ٽي وي نيوز خميس ڏينهن پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ معاهدي جي اهم شق جي تفصيلن تي ٻڌل خبر ڏني هئي. خبر ۾ چيو ويو ته ن ليگ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ اسپيس ڏيندي ۽ ڏکڻ پنجاب جي  انتظامي فيصلن ۾ پ پ شامل ڪندي. پ پ ڏکڻ پنجاب جي ترجمان ۽ ايم اين اي نوابزاده  افتخار احمد سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيم ۾ ڳالهائيندي ان خبر جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومتي سازيءَ وقت ن ليگ سان پ پ جو لکت ۾ معاهدو ٿيو هو،  پر ن ليگ ان تي عمل نه پئي ڪيو،  جنهن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. نوابزادا افتخار احمد چيو ته ن ليگ  سان طئه ٿيو هو ته ڏکڻ پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ کي انتظامي فيصلن ۾ شامل ڪيو ويندو، هاڻي ن ليگ معاهدي تي عمل جي خاطري ڪرائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
18%
2.6m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °

تازه ترين خبرون