پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي پروين رند ڌمڪين خلاف عدالت ۾ درخواست داخل
پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي پروين رند کي هيسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
شاگردياڻي پروين رند پيرين اگهاڙي دولتپور جي عدالت ۾ پيش ٿي.
شاگردياڻي پروين رند عدالت ۾ جوابدارن طرفان ڌمڪيون ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.