تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي طرفان اسماعيل هانيا جي قتل جي مذمت

- Advertisement -
پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ختم نه ٿيندي. پ پ جي نائب صدر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان اسرائيل واضح ڪيو آهي ته کيس ڪو به روڪڻ وارو ناهي، شيري رحمان چيو آهي ته اسرائيل جو حملو نه صرف حماس پر ايران جي خودمختياري تي به حملو آهي، تهران جي سرزمين تي سنگين حملي مان ظاهر ٿي ويو ته اسرائيل ڳالهين ۽ جنگبندي لاءِ سنجيده ناهي. هن چيو ته اسرائيل جنگ کي روڪڻ بدران مچ تي وڌيڪ تيل هاري رهيو، ان سان وچ اوڀر ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسماعيل هانيا جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي جمعي تي سڄي ملڪ ۾ اسرائيل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ختم نه ٿيندي. جي يو آءِ اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو آهي ته اسماعيل هانيا اسرائيلي جارحيت طلاف فلسطيني عوام جو ڪيس عالمي سطح تي وڙهيو، سندس شهادت سان مسلم امت خاص ڪري فلسطين هڪ عظيم مجاهد کان محروم ٿي ويو آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم  الرحمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي قدمن خطي کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسرائيل ۽ سندس حامين کي ظلم جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون