تازه ترين

پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي طرفان اسماعيل هانيا جي قتل جي مذمت

پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ختم نه ٿيندي.

پ پ جي نائب صدر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان اسرائيل واضح ڪيو آهي ته کيس ڪو به روڪڻ وارو ناهي،

شيري رحمان چيو آهي ته اسرائيل جو حملو نه صرف حماس پر ايران جي خودمختياري تي به حملو آهي، تهران جي سرزمين تي سنگين حملي مان ظاهر ٿي ويو ته اسرائيل ڳالهين ۽ جنگبندي لاءِ سنجيده ناهي.

هن چيو ته اسرائيل جنگ کي روڪڻ بدران مچ تي وڌيڪ تيل هاري رهيو، ان سان وچ اوڀر ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.

جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسماعيل هانيا جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي جمعي تي سڄي ملڪ ۾ اسرائيل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ختم نه ٿيندي.

جي يو آءِ اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو آهي ته اسماعيل هانيا اسرائيلي جارحيت طلاف فلسطيني عوام جو ڪيس عالمي سطح تي وڙهيو، سندس شهادت سان مسلم امت خاص ڪري فلسطين هڪ عظيم مجاهد کان محروم ٿي ويو آهي.

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم  الرحمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي قدمن خطي کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسرائيل ۽ سندس حامين کي ظلم جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي…

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون