پ پ طرفان سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو رد، سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

- Advertisement -
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو رد ڪندي بنا دير گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سي ايِ سي ن ليگ سان ڳالهين لاءِ قائم ڪميٽيون به ختم ڪندي پاور شيئرنگ معاملي تي ڳالهين جا اختيار صدر آصف زرداري حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سي اي سي جي ميمبرن  شرڪت ڪئي. سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. سنڌوءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي يارهن  مهينن کان نه دير جو شڪار سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس دوران ڪي پي جي گورنر طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اي پي سي جي سمورين تجويزن تي عمل ڪيو وڃي. پيپلز پارٽيءَ ڪـُـرم جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري طور امن بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. سي اي سي جي اجلاس ۾  پ پ ۽ حڪومت وچ ۾ پنجاب توڙي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پيپلزپارٽيءَ ن ليگ سان ڳالهين لاءِ قائم ڪميٽيون به ختم ڪندي پاور شيئرنگ معاملي تي ڳالهين جا اختيار صدر آصف زرداري حوالي ڪري ڇڏيو. پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ اپي ڊبليو ڊي، ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ، يوٽيلٽي اسٽور، پاسڪو، جينڪو، اين ايف سي ۽ ٻين ادارن ۾ سمورن پورهيت دشمن قدمن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران حڪومت جي زرعي پاليسين تي تنقيد ۽ آبادگارن کي ڪنهن به قسم جي امداد نه ملڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پ  پ جي سي ايِ سي اجلاس کانپوءِ  شيري رحمان ۽ شازيه مري سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي نيئر بخاري چيو ته سي اي سي اجلاس ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس فوري طور گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  پارا چنار جي صورتحال تي غور ۽ گورنر ڪي پي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي. نيئر حسين بخاري چيو ته مختلف ادارن ۾ ملازم دشمن قدمن تي ڳڻتي آهي،  صدر آصف علي زرداري رياست جو سربراهه آهي، پنهنجو آئيني ڪردار جاري رکندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
1.9m/s
46%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون