پيپلز پارٽي وفاقي وزير احسن اقبال جي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ بابت سنڏ جي اعتراضن ۽ بحث کي بي بنياد قرار ڏيڻ توڙي ڪوبه صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي نه کڻڻ واري موقف کي رد ڪندي وفاق جو ڪمزور موقف قرار ڏئي ڇڏيو.
وفاقي سرڪار ۽ وفاقي وزير احسن اقبال جي تڪراري ڪينالن واري معاملي تي ڀرپور جواب ڏيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي نون ڪينالن واري معاملي ۽ پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي عمل نه ڪرڻ بابت وفاق اڳيان سوال اٿاري ڇڏيا.
نثار احمد کهڙي جو چوڻ آهي ته ڇا پنجاب وٽ ايترو پاڻي آهي جو چولستان ڪئنال کي ڀري سگهي، اضافي پاڻي ناهي ته وفاق نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندو؟.
هن چيو ته چولستان ڪينال کي جهلم ندي جو پاڻي پهچائڻ لاءِ قادر آباد، سليمانڪي ۽ رسول بيراج جي ري ماڊلنگ ڪئي ويندي ته پوءِ جهلم ندي ۽ چناب جي ڪمانڊ ايريا ڀرڻ لاءِ چشما ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال مسلسل وهندو، جنهن سان ڇا سنڌ وڌيڪ بنجر نه بڻجندي؟.
پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته چشما ۽ جهلم لنڪ ڪينال فلڊ ڪينال آهن، سنڌ کي خدشو ۽ اعتراض آهي ته انهن ڪينالن کي مسلسل وهايو ويندو، سنڌ جو پاڻي کڻي چولستان ۽ ٻين ڪينال ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو.
هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ احسن اقبال 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت صوبن جي پاڻي جو حصو مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا 1991ع واري پاڻي معاهدي تي مڪمل عمل ٿي رهيو آهي؟.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته1991ع واري پاڻي واري معاهدي تي عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ معاهدي تحت پاڻي جي ورڇ پيرا ٽو تحت نه ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت اهو ٻڌائي ته سنڌ جي پاڻي ورهاست ٿري ٽيئر فارمولا تحت ٿيڻ تي اعتراض آهي ته پوءِ پاڻي جي ورهاست پيرا ٽو تحت ڇو نه ٿي رهي آهي.
نثار احمد کهڙي چيو ته احسن اقبال صاحب، جيڪڏهن ڪو صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي ته پوءِ تونسه کان گڊو بئراج تائين پمپنگ مشينون لڳائي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪيئن چوري ڪيو پيو وڃي؟، پاڻي چوري روڪڻ ۽ وهڪري جي نگراني لاءِ خالد مگسي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ تي عمل ڇو نه ڪيو پيو وڃي؟.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته وفاقي حڪومت اهو ٻڌائي ته جيڪڏهن جي پاڻي شفاف طريقي سان ورهايو پيو وڃي ته پوءِ پاڻي جي وهڪري جي نگراني لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم ڇو نه لڳايو وڃي؟، سي سي آءِ پاڻي جي تڪرار جي حل لاءِ آئيني فورم آهي، پوءِ وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس ڇو نه گهرائي رهي آهي؟.
نثار احمد کهڙي چيو ته وفاقي حڪومت آئين جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي؟، احسن اقبال صاحب، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان به نواز شريف ڪيو هو، پر سنڌ جو ردعمل به اوهان ڏٺو ۽ ن ليگ حڪومت کي ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کڻڻو پيو.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته سنڌ کي نون ڪينالن جو منصوبو قبول ناهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌي نون ڪينال جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کپي، وفاقي حڪومت پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي مڪمل عمل ڪري سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي اهميت ڏئي.
نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ جي عوام ۾ نون ڪينالن جي منصوبي تي سخت ڪاوڙ آهي، ان لاءِ سنڌ جي آواز کي بي بنياد بحث قرار ڏيڻ بند ڪيو وڃي، سنڌ ڪنهن کي به پنهنجي حصي جو پاڻي چوري ۽ نه ئي حصي جي پاڻي جو هڪ ڦڙو کڻڻ جي اجازت ڏيندي.
پ پ سنڌ جي صدر چيو ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو نه ملڻ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي، نون ڪينالن جو منصوبو سنڌ کي وڌيڪ بنجر بڻائي ڇڏيندو، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته آئيني فورمن تي سنڌ جا آئيني اعتراض ٻڌي ۽ تڪراري ڪينالن جي منصوبي تان هٿ کڻي.
نثار احمد کهڙي چيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ چاهي ٿو ته زير زمين پاڻي ڪڍو ۽ جيڪڏهن زير زمين پاڻي مٺو نه آهي ته آر او پلانٽس لڳائي ان پاڻي سان زمينون آباد ڪري.