تازه ترين

پيپلز پارٽي جو اليڪشن ڪميشن کي خط

پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ منجمند ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي.

پ پ جي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي.

خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  برساتي ٻوڏ دوران متاثر ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت سميت سنڌ ۾ هلندڙ  عوامي ڀلائي جي ترقياتي اسڪيمن جي فنڊن کي منجمند ڪيو ويو آهي.

خط   ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بدترين لوڊشيڊنگ ۽ مهانگن بلن کي منهن ڏيندڙ عوام لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جي اسڪيم جا فنڊ روڪڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي.

تاج حيدر چيو ته چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته نگران حڪومت هلندڙ ترقياتي ڪمن کي منجمند نه ٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته برسات متاثرن لاءِ ٻيهر تعمير ڪيل گهرن ۾ متاثرن کي آباد ٿيڻ کان روڪيو  پيو وڃي جيڪو الميو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون