تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز پارٽي جي 57 هين سالگره ملهائي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ جي ٺهڻ کي 57 سال مڪمل ٿيڻ تي جيالا سالگرهه ملهائي رهيا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ ڏيڍ سئو ضلعن ۾ ٿيندڙ تقريبن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو. 57 سال اڳ فوجي حڪمران جي ڪابينا مان استعيفيٰ ڏئي ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ترقي پسندن سان گڏجي پيپلزپارٽي قائم ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏئي ڪري پيپلزپارٽي کي سڄي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻايو، ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم بڻيو، آئين ڏنو ۽ بعد ۾ جنرل ضياءَ هٿان ڦاهي چڙهي ويو. شهيد ڀٽو کانپوءِ پارٽي جي ڪمان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سنڀالي ۽ جنرل ضياءُ جو مقابلو ڪري ٻيهر وزيراعظم بڻي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جنرل مشرف خلاف ڄمي مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي وئي. هن وقت پارٽي جي ڪمان بلاول ڀٽو زرداري سنڀالي رهيو آهي، هن ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي ۽ هاڻي مسلم ليگ نون سان گڏجي ملڪ ۾ گڏيل حڪومت ٺاهي آهي، سندس والد آصف علي زرداري ملڪ جو صدر آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي خطاب کان اڳ ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، ڄامشوري ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پشاور ۾ ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ملتان ۾ پنجاب جو گورنر سليم سردار سليم حيدر خطاب ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري جي وڊيو لنڪ خطاب کان اڳ حيدرآباد ۾ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، گجرانوالا ۾ اعتزاز احسن، پنڊي ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ سانگهڙ ۾ پ پ ايم اين اي شازيا مري جو خطاب ٿيندو. رحيم يار خان ۾ مخدوم احمد محمود، نثار کهڙو ۽ سعيد غني ڪراچي، خورشيد شاهه سکر، قمر زمان ڪائرا اٽڪ، جميل سومرو لاڙڪاڻي ۽ چوڌري منظور فيصل آباد ۾ خطاب ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون