پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري چيو آھي تھ پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي جنھن ھميشھ عوام جي خدمت ڪئي آھي، گذريل دور ۾ پ پ حڪومت ٺٽي ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، بلاول ڀٽو زرداري جو ھزارين ماڻھن طرفان مانائتو آڌر ڀاءُ پ پ جي ڪارڪردگي جو نتيجو آھي.
ٺٽي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي علي حسن زرداري چيو تھ ٺٽي ضلعي جي سامونڊي تڪ پي ايس 78 گھوڙا ٻاري ۾ گذريل پنجن سالن ۾ نھ رڳو رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن پر صحت ۽ تعليم جي نظام کي بھتر بڻايو ويو آھي.
سندس چوڻ ھو تھ ڪيٽي بندر جي 10 سالن کان بند پيل بجلي بحال ڪرائي آھي، ھن جيڪي اليڪشن کان اڳ واعدا ڪيا ھئا، انھن واعدن کي وفا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري چيو تھ ھو ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين سميت پنھنجي ٽيم جو ٿورائتو آھي جن سندس ڀرپور ساٿ ڏنو آھي، جھمپير کان ٺٽي روڊ جو ڪم منظور ڪرايو آھي، جنھن جو جلد ڪم جلد شروع ٿي رھيو آھي.
ھن چيو تھ عوام کي جلد سفر جون سھولتون ملنديون، پارٽي قيادت کيس ٻيھر موقعو ڏنو تھ ھُو اڳ کان وڌيڪ عوام جي خدمت ڪندو.
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري چيو تھ عوام جي خدمت ڪرڻ سان سڪون ملندو آھي ھو ايم پي اي يا ايم اين اي نھ بھ ھجي پر عوام جي خدمت جاري رکندو………