تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي جنھن ھميشھ عوام جي خدمت ڪئي آھي، علي حسن زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري چيو آھي تھ پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي جنھن ھميشھ عوام جي خدمت ڪئي آھي، گذريل دور ۾ پ پ حڪومت ٺٽي ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، بلاول ڀٽو زرداري جو ھزارين ماڻھن طرفان مانائتو آڌر ڀاءُ پ پ جي ڪارڪردگي جو نتيجو آھي.

ٺٽي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي علي حسن زرداري چيو تھ ٺٽي ضلعي جي سامونڊي تڪ پي ايس 78 گھوڙا ٻاري ۾ گذريل پنجن سالن ۾ نھ رڳو رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن پر صحت ۽ تعليم جي نظام کي بھتر بڻايو ويو آھي.

سندس چوڻ ھو تھ ڪيٽي بندر جي 10 سالن کان بند پيل بجلي بحال ڪرائي آھي، ھن جيڪي اليڪشن کان اڳ واعدا ڪيا ھئا، انھن واعدن کي وفا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

پ پ اڳواڻ علي حسن زرداري چيو تھ ھو ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين سميت پنھنجي ٽيم جو ٿورائتو آھي جن سندس ڀرپور ساٿ ڏنو آھي، جھمپير کان ٺٽي روڊ جو ڪم منظور ڪرايو آھي، جنھن جو جلد ڪم جلد شروع ٿي رھيو آھي.

ھن چيو تھ عوام کي جلد سفر جون سھولتون ملنديون، پارٽي قيادت کيس ٻيھر موقعو ڏنو تھ ھُو اڳ کان وڌيڪ عوام جي خدمت ڪندو.

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري چيو تھ عوام جي خدمت ڪرڻ سان سڪون ملندو آھي ھو ايم پي اي يا ايم اين اي نھ بھ ھجي پر عوام جي خدمت جاري رکندو………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون