سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته پيڪا ترميمي بل صحافين جي تحفظ ڏانهن اهم قدم آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بابت قائدا ۽ ضابطا موجود آهن، ڊجيٽل ميڊيا جي حوالي سان قائدا وقت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا تي ڪير ڪجهه به ڳالهائي ٿو ڇڏي، ڊجيٽل ميڊيا تي صحافت جي نالي تي الزام لڳايا وڃن ٿا، پيڪا ترميمي بل ڊجيٽل ميڊيا لاءِ آهي، ڊجيٽل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊا جو ڪو جوابده ناهي.
سندس چوڻ هو ته ترميمي ايڪٽ ۾ سوشل ميڊِيا جو ذڪر واضح ڪيو ويو آهي، پيڪا ترميمي ايڪٽ جو دائرو ڊجيٽل ميڊيا تائين محدود آهي، ترميمي ايڪٽ سان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا متاثر نه ٿيندي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته قانون سازي سان ورڪنگ جرنلشٽ کي تحفظ ملندو، صحافتي تنظيمن سان مشورن تي يقين رکن ٿا، ان حوالي سان سمورين تنظيمن سان ڳالهايو ويندو.
هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا تي الزام لڳائڻ ۽ ڪردار ڪشي ٿيندي آهي پر ڪو نوٽيس ناهي ٿيندو، ترميمي بل سان ذميوراڻي صحافت کي هٿي ملندي ۽ ورڪنگ جرنلٽس کي موقعو ملندو ته پنهنجو روزگار محفوظ ڪري سگهن.