تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ

- Advertisement -
  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته پيڪا ترميمي بل صحافين جي تحفظ ڏانهن اهم قدم آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بابت قائدا ۽ ضابطا موجود آهن، ڊجيٽل ميڊيا جي حوالي سان قائدا وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته  ڊجيٽل ميڊيا تي ڪير ڪجهه به ڳالهائي ٿو ڇڏي، ڊجيٽل ميڊيا تي صحافت جي نالي تي الزام لڳايا وڃن ٿا، پيڪا ترميمي بل ڊجيٽل ميڊيا لاءِ آهي، ڊجيٽل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊا جو ڪو جوابده ناهي. سندس چوڻ هو ته ترميمي ايڪٽ ۾ سوشل ميڊِيا جو ذڪر واضح ڪيو ويو آهي، پيڪا ترميمي ايڪٽ جو دائرو ڊجيٽل ميڊيا تائين محدود آهي، ترميمي ايڪٽ سان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا متاثر نه ٿيندي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته قانون سازي سان ورڪنگ جرنلشٽ کي تحفظ ملندو، صحافتي تنظيمن سان مشورن تي يقين رکن ٿا، ان حوالي سان سمورين تنظيمن سان ڳالهايو ويندو. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا تي الزام لڳائڻ ۽ ڪردار ڪشي ٿيندي آهي پر ڪو نوٽيس ناهي ٿيندو، ترميمي بل سان ذميوراڻي صحافت کي هٿي ملندي ۽ ورڪنگ جرنلٽس کي موقعو ملندو ته پنهنجو روزگار محفوظ ڪري سگهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
28 %
1.3kmh
93 %
جمعو
16 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °
سُومر
17 °
اڱارو
16 °

تازه ترين خبرون