- Advertisement -
پي آءِ اي جي نجڪاري ته نه ٿي پر ڪنسلٽنٽ کي لکين ڊالر ادا ڪيا ويا
وفاقي وزير نجڪاري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ڪنسلٽنٽ کان 68 لک آمريڪي ڊالرن ۾ خدمتون ورتيون ويون، 43 لک ڊالرفيس جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن
هن چيو ته 31 آڪٽوبر تي پي آءِ اي جي نجڪاري جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، اميد کان گهٽ واڪ لڳو، 12 نومبر تي واڪ رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، 2 ڊسمبر تي وفاقي ڪابينا منظور ڏني
وفاقي وزير نجڪاري عبدالعليم خان چيو ته سيڙپڪار سان گالهيون جاري آهن،سيڙپڪارن سان وڌيڪ رابطا ڪيا ويندا- Advertisement -
