تازه ترين

پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زلمي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگھي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 10 جي 29هين گروپ ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمی کي 26 رنسن تان هارائي پلے آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

پنڊي ۾ مينهن سبب ٽاس دير سان ٿي، برسات متاثر ميچ 13_13 اوورن تي مشتمل هئي، جنهن ۾ پشاور زلمی ٽاس کٽي فِيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

قلندرز کي بيٽنگ ۾ شاندار شروعات ملي ۽ صرف 3 اوورز ۾ بغير ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي 49 رنسون ٺهيون. فخر زمان 60 رنسن جي ڌماڪيدار اننگز کيڏي، لاهور مقرر 13 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 149 اسڪور ڪيون. زلمی کي ميچ کٽڻ لاءِ 150 رنز جو هدف مليو.

پشاور طرفان احمد دانيال، رضا ۽ ڊينيئل ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

جواب ۾ زلمی جي اننگز شروعات کان ئي مشڪلات جو شڪار رهي. 20 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب ۽ 35 جي مجموعي اسڪور تي محمد حارث پويلين واپس ويا. اسڪور 53 رنسن تي مَس پهتو ته پشاور جي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي چڪي هئي. ڊينيئل سيمز 26 ۽ احمد دانيال 24 رنسون اسڪور ڪيون  پر ٽيم 13 اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي صرف 128 اسڪور ئي ڪري سگهي.

قلندرز لاءِ سلمان مرزا چار، شاهين شاهه آفريدي ٻه، جڏهن ته سڪندر رضا ۽ حارث رؤف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون