پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان هلندڙ پي ايس ايل 10 جي ٻن ميچن جو شيڊيول مٽايو ويو آهي، ملتان ۾ پوندڙ گرمي کي ڏسندي ان قسم جو فيصلو ڪيو ويو آهي،
10 مئي تي ملتان ۾ رٿيل ميچ هاڻي پهرين مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊئم ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
قذافي اسٽيڊئم ۾ هاڻي پهرين مئي تي 2 ميچون ٿينديون، پهرين ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جي وچ ۾ منجھند 3 وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته رات جو 8 وڳي لاهور قلندرز جو مقابلو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان ٿيندو.شيڊيول ۾ تبديلي فرنچائزن جي صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي وئي آهي.لاهور ۾ هاڻي پهرين مئي تي هڪ ئي ٽڪيٽ ۾ شوقين 2 ميچون ڏسي سگھندا، جڏهن ته ملتان ۾ پهرين مئي جي ٽڪيٽ خريد ڪندڙن کي پيسا ريفنڊ ڪيا ويندا.
ان کان علاوه 10 مئي تي ملتان ۾ رٿيل ڊي ميچ هاڻي 11 مئي تي رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ملتان سلطانز جي ميچ هاڻي 11 مئي تي ٿيندي،
10 مئي جي ٽڪيٽ خريد ڪندڙ هاڻي 11 مئي تي ميچ ڏسي سگھندا.
پي ايس ايل 10 جي ٻِن ميچن کي ري شيڊيول ڪيو ويو
لاڳاپيل خبرون
[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8
°
C
23.8
°
23.8
°
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31
°
سُومر
31
°
اڱارو
34
°
اربع
37
°
خميس
37
°