- Advertisement -
پاڪستان سپر ليگ سيزن 10 جي 16هين ميچ ۾ اڄ لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون آهن جتي لاهور قلندرز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو
ملتان سلطانز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 1وورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون اسڪور ڪيون، محمد رضوان ۽ ڪامران غلام طرفان شاندار ففٽيون اسڪور ڪيون ويون. محمد رضوان 48 بالن تي 76 ۽ ڪامران غلام تيز رفتار 52 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا. لاهور قلندرز جي طرفان ٽام ڪرن، حارث رئوف ۽ ڊيرل مچل 1-1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
ملتان سلطانز جي ٽيم پي ايس ايل سيزن 10 ۾ صرف هڪ ميچ ئي کٽي سگھي آهي.
اسڪواڊ :
لاهور قلندرز: فخر زمان، محمد نعيم، عبدالله شفيق، ڊيرل مچل، سيم بلنگز (وڪيٽ ڪيپر)، سڪندر رضا، شاهين شاهه آفريدي (ڪپتان)، آصف علي، حارث رئوف، ٽام ڪرن، آصف آفريدي
ملتان سلطانز: محمد رضوان (ڪپتان)، شائي هوپ، ياسر خان، عثمان خان (وڪيٽ ڪيپر)، ڪامران غلام، مائيڪل بريس ويل، افتخار احمد، محمد حسنين، عاڪف جاويد، عبيد شاهه، جوشو لٽل- Advertisement -
