حسن علي نه صرف پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر آهي، پر موجوده سيزن ۾ به هو 13 وڪيٽن سان سڀ کان اڳڀرو آهي، ڪراچي ڪنگز حسن علي جي ٽئين فرنچائز ٽيم آهي. ان کان اڳ هو پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي
حسن علي چيو ته ـ مان پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ پي ايس ايل ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ تي تمام خوش آهي،
حسن علي وڌيڪ چيو ته هن بالنگ ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آندي، رڳو بنيادي شين کي بهتر ڪيو آهي، گڏوگڏ پنهنجي فٽنس ۽ خوراڪ تي به ڌيان ڏنو آهي، جنهن سان هن کي هن سيزن ۾تمام گهڻي مدد ملي آهي.
ڪراچي ڪنگز جو نائب ڪپتان هجڻ بابت حسن علي جو چوڻ هو ته
پي ايس ايل 10 ۾ ڪراچي ڪنگز جو نائب ڪپتان هجڻ جي ذميواري مان لطف اندوز ٿي رهيو آهيان. اهڙي ذميواري سان اعتماد ملي ٿو، جيڪو توهان جي ذاتي ڪارڪردگي تي به سٺو اثر وجهي ٿو.
ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر بابت حسن علي جو چوڻ هو ته
وارنر جي سڀ کان بهترين ڳالهه اها آهي ته هو هڪ ٽيم مين آهي ۽ کيس سڄي دنيا ۾ کيڏڻ جو وڏو تجربو حاصل آهي. هن آسٽريليا جي ڊگهي عرصي تائين نمائندگي ڪئي آهي، هن جي تجربي مان نوجوان گھڻو ڪجھ سکي رهيا آهن
آخر ۾، حسن علي چيو
ڪراچي ڪنگز جي هن وقت پوزيشن سٺي آهي، ۽ اسان رهيل چارئي ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ ڪرڻ چاهيون ٿا
پي ايس ايل 2025: حسن علي جي شاندار واپسي
لاڳاپيل خبرون
[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4
°
C
30.4
°
30.4
°
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31
°
خميس
36
°
جمعو
37
°
ڇنڇر
37
°
آچر
35
°