تازه ترين

 پي ايس 80 ڪي اين شاهه تي چونڊيل پ پ اميدوار عبدلعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

پي ايس 80 ڪي اين شاهه تي چونڊيل پ پ اميدوار عبدلعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو.

عبدالعزيز جوڻيجو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پ پ اڳواڻ عبدالعزيز جوڻيجي جي جو مڙهه اڄ اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويندو.

عبدالعزيز جوڻيجو جي جنازي نماز  ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

پ پ اڳواڻ عبدالعزيز جوڻيجو 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پي ايس 80 تي جي ڊي اي اڳواڻ ڪريم علي جتوئي کي شڪست ڏيندي 52 هزار 131 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.

پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ٽي ڀيرا صوبائي وزير به رهي چڪو آهي.

پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ پاران عبدالعزيز جوڻيجو جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته عبدالعزيز جوڻيجو ڏکئي وقت ۾ پ پ سان گڏ بيٺل رهيو.

هن چيو ته  پ پ لاءِ مرحوم عبدالعزيز جوڻيجو جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، مرحوم جي وفات سوڳوار خاندان لاءِ وڏو صدمو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون