پي سي بي بابر اعظم کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائي ڇڏيو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته بابر اعظم کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بابر اعظم کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
بابر اعظم 52 ٽيسٽ، 117 ون ڊي ۽ 109 ٽي ٽوئنٽي ميچر ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سميت 71 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ بابراعظم قومي ٽيم جي قيادت ڪري چڪو آهي.
بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ پاڪستان 42 ميچز ۾ ڪامياب ٿيو ۽ گرين شرٽس کي 23 ميچن ۾ شڪست نصيب ٿي.
بابر اعظم گذريل سال نومبر ۾ ٽنهي فارميٽس جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏني هئي جنهن بعد پي سي بي شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ۽ شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو هو جڌهن ته ون ڊي جي ڪپتاني بابت ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو هو