پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي کي ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ گلوبل ٽي ٽوئنٽي لاءِ اين او سي جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پي سي بي طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گلوبل ٽي ٽوئنٽي لاءِ پي سي بي کي بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي طرفان اين او سي لاءِ درخواستون مليون هيون.
پڌرائي موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪشن ڪميٽي سان مشاورت کانپوءِ ٽنهي رانديگرن کي اين او سي جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
بورڊ موجب، آگسٽ 2024 کان مارچ 2025 جي عرصي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئين شپ جا 9 ٽيسٽ کيڏڻا آهن ان کان علاوه ايندڙ سال آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي به کيڏڻي آهي جيڪا پاڪستان ۾ شيڊيول آهي، اهڙي طرح پاڪستان انهي عرصي دوران 9 ٽيسٽ، 14 ون ڊي ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏندي، ٽئي رانديگر ٽنهي فارميٽ جا ڪرڪيٽر آهن ۽ پاڪستان کي ايندڙ 8 مهينن ۾ سندن خدمتون گهربل هونديون.
واضع رهي ته پي سي بي انهي بنياد تي نسيم شاهه کي دي هنڊريڊ جي لاءِ اين او سي پڻ جاري نه ڪئي وئي هئي….