پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هلندڙ بيان بازي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، تحريڪ انصاف مسلسل نفرت کي هٿي ڏئي رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ سان منسوب بيان ۾ هو پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ وارا آئين، جمهوري اصولن ۽ ملڪ جا بخيا اڊيڙي غدار ڳولڻ نڪتا آهن.
هن چيو ته چونڊن بعد پ پ تحريڪ انصاف کي وفاقي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني پر پنهنجي انا ۽ نااهليءَ سبب هو حڪومت نه ٺاهي سگهيا.
شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ باني هاڻي شيخ مجيب بڻجڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽيءَ تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر هو ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ چاهن ٿا.
پ پ سينيٽر چيو ته ادارا پي ٽي آءِ بانيءَ سان ڳالهين کان انڪار ڪن ته کيس شيخ مجيب ياد اچي وڃي ٿو، هو اهو پيغام ڪنهن کي ڏئي رهيو آهي؟ تحريڪ انصاف غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ بند ڪري.