بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو منصوبو اسلام آباد ۾ ماڻهو مارائڻ آهي.
سيالڪوٽ ۾ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير پي ٽي آءِ بانيءَ وٽان هدايتون وٺي آيو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج لاءِ حڪومت پنهنجي حڪمت عملي طئه ڪري ورتي آهي، جيڪڏهن هي هٿياربند ماڻهو ۽ لشڪر وٺي ايندا ته حڪومت به ان ئي طريقي سان منهن ڏيندي.
خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارا لاشن جي سياست ڪرڻ چاهن پيا، هي چاهن ٿا ماڻهو مرن ۽ لاش خيبرپختواهه وڃن، پر حڪومت ان کان بچڻ چاهي ٿي، ان شيءَ کي حڪومت جي ڪمزوري نه سمجهو وڃي.
بچاءَ واري وزير چيو ته بشريٰ بيبي جي بيان سان پرڏيهي پاليسيءَ تي ڪو به فرق ناهي پيو، سعودي حڪومت کي خبر آهي ته بشريٰ بيبي ۽ پي ٽي آءِ بانيءَ گڏجي فراڊ ڪيو آهي.
خواجه آصف چيو ته بدقسمتيءَ سان اهڙا ماڻهو حڪمران بڻجي ويندا آهن، سندس خيال آهي ته سعودي حڪومت ان کي سندن ڪمزوري سمجهي درگذر ڪندي.
بچاءِ واري وزير چيو ته سعودي عرب سان پراڻا لاڳاپا آهن، جنهن جو پي ٽي آءِ بانيءَ قدر نه ڪيو.
خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جي اڪثريت چاهي ٿي ته ڌرڻو ملتوي ٿئي، هن وقت فاق ۽ پنجاب تي حملو حب الوطني ناهي………