سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي سوچ ننڍي سوچ واري ڊڪٽيٽر جهڙي آهي، ننڍي سوچ جي شروعات قيادت کان ئي ٿيندي آهي، ڪي پي جي گورنر جي داخلا تي پابندي لڳائڻ تي حڪومت کي معافي وٺڻ گهرجي، سنڌ سرڪار امن امان واري معاملي تي سنجيده آهي، ڪراچي شهر مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو ڪيو ويو آهي، منشيات خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي، پ پ جي سنڌ حڪومت رهي ته سنڌ مان منشيات جو خاتمو آندو ويندو.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عبدالستار ايڌي ۽ اورنج لائن بي آر ٽي کي گرين لائن سان ڳنڍڻ وڃي رهي آهي، اورنج لائن جا مسافر بي آر ٽي اسٽيشن تي لهي پيادل پل پار ڪري گرين لائن ۾ ويهي رهندا، بسن ۾ ڀاڙي وارو ڪارڊ سسٽم هڪ مهيني اندر شروع ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته سٺي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي آهي، جيڪا خيبرپختونخوا ۾ حرڪت ڪئي وئي اها ننڍي سوچ وارا ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت کي پنهنجي قدم تي معافي وٺڻ گهرجي ۽ فيصلو واپس ڪرڻ کپي، پي ٽي آءِ باني جي سوچ ننڍي سوچ واري ڊڪٽيٽر جهڙي آهي، ننڍي سوچ جي شروعات قيادت کان ئي ٿيندي آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني ڪارڪنن کي صبر ۽ برداشت ناهي سيکاري، پاڻ به هڪ آمر آهي، گورنر ڪي پي جي رهائشگاهه کي بند ڪري ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو ويو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف باني قوم کي هميشه ڏڦيڙ، الزام، ڪوڙ، پروپيگنڊا، بدتميزي ۽ ورهاست جي سياست سيکاري آهي، جيڪي شيون پي ٽي آءِ باني شروع ڪيون آهن اهي سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وينديون.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف باني کي ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ لائونچ ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني جي لائونچنگ کان هن وقت تائين عوام جي اکين ۾ مٽي وڌي پئي وڃي، هڪ ماسٽر پلان ڪٿي جوڙيو ويو جنهن تحت کيس هلايو پيو وڃي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف باني، پرويز مشرف جي ريفرنڊم ۾ ڊڪٽيٽر کي ووٽ ڪري ٿو، لاهور ۾ جلسو ٿيو، ٻار ٻار کي خبر آهي ماڻهو ڪٿان ويا، عدليا جي آزادي لاءِ پيپلزپارٽي لوهي ڀت بڻجي بيٺل رهي آهي ۽ رهندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ثاقب نثار جج جي صورت ۾ بدمعاش بڻجي جيڪي جيڪي غلط ڪم ڪيا، سندس هڪ هڪ قدم غير آئيني ۽ غيرقانوني هو، سندن عظيم ليڊر شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو ان جو حساب ڪير ڏيندو، صدر آصف علي زرداري بنا ڪنهن ڏوهه جي 14 سال قيد ڪاٽيو، ان جو حساب ڪير ڏيندو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي ڪهڙا ماڻهو هئا جيڪي سندن عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل ۾ شريڪ هئا، جڏهن عدالت چيو ته شهيد ڀٽو کي فيئر ٽرائل ناهي مليو ته انهن عنصرن کي ڇا سزا ڏني وئي جيڪي فيئر ٽرائل ۾ رڪاوٽ هئا.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته کين چئن چئن مهينن بعد تاريخون ملنديون هيون، سزا يافته تحريڪ انصاف باني کي ضمانتون ملي رهيون آهن، هي ملڪ لاڏلا ازم جي بنياد تي نٿو هلي سگهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي نگراني ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار جج جي حيثيت ۾ جيڪي غلط ڪم ڪيا حساب ورتو وڃي، سزا جا پيسا ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جهڙا فيصلا ثاقب نثار ڏنا.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي قيادت صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي، قيادت جي ويزن کي وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا عملي شڪل ڏئي رهي آهي، پ پ نعرن تي نه عملي قدمن تي يقين رکي ٿي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دبئي ليڪس جي ويب سائيٽ آهي، جنهن جي ڪابه تصديق ناهي، سندس نالو اليڪشن ڪميشن جي گوشوارن مان ڪڍي، ليڪس ۾ شامل ڪيو ويو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏن وڏن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو، هو منشيات جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا، سنڌ سرڪار امن امان واري معاملي تي سنجيده آهي، ڪراچي شهر مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو ڪيو ويو آهي………