تازه ترين

پي ٽي آءِ باني شهباز شريف تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا جن سبب سندس شهرت کي قومي ۽ عالمي سطح تي نقصان پهتو آهي : عطا تارڙ

- Advertisement -
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني شهباز شريف تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا جن سبب سندس شهرت کي قومي ۽ عالمي سطح تي نقصان پهتو آهي. سيشن ڪورٽ لاهور ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني پاناما ڪيس دوران رشوت جي آڇ جا الزام مختلف ٽي وي پروگرامن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا دهرايا، جيڪي بدنيتي تي ٻڌل هئا. عطا تارڙ جو چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم تي صلاح مشورا جاري آهن، اهي آئيني بينچ بابت آئيني عدالت طرف وڌي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ترميم جو مقصد عدليه کي مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته مڪاني چونڊون اڳ به غير جماعتي بنيادن تي ٿينديون رهيون آهن ۽ هاڻي به وقت تي ٿيڻ گهرجن. عطا تارڙ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي وڪيل 120 ٻڌڻي ۾ دير ڪئي آهي پر هاڻي اهو ڪيس پنهنجي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
8 %
1.1kmh
0 %
سُومر
18 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون