تازه ترين

پي ٽي آءِ باني پويان ڪو آهي، جيڪو سندس حمايت پيو ڪري، کيس سپورٽ ڪندڙ ڪو پرڏيهي به ٿي سگهي ٿو: شرجيل انعام ميمڻ

سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پويان ڪو آهي، جيڪو سندس حمايت پيو ڪري، کيس سپورٽ ڪندڙ ڪو پرڏيهي به ٿي سگهي ٿو، هي ڪهڙو قيدي آهي، جنهن کي سزا ٿي وئي پر پارٽي هلائي رهيو آهي.

حيدرآباد ۾ يونين آف جرنلسٽس جي پروگرام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪڏهن ڪنهن کي اهڙي سهولت ملي؟ جيل مان سينيٽر چونڊجي ۽ حڪومتون ٺهي رهيون آهن.

هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن جي فارن فنڊنگ فيصلي باوجود کيس سزا نه ملي، هڪ پاڪستاني شهري کي ڀارت ۽ اسرائيل مان ڇو فنڊنگ ڪئي وئي؟

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت منشيات خلاف جهاد ڪري رهي آهي، ڪرسٽل ۽ آئس آپگهاتي بمبار آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ صحافين مدد گهرجي.

سينيئر صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ سڀني کي گڏ ويهڻ لاءِ چيو، صدر آصف علي زرداري امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف سخت ايڪشن جو حڪم مليل آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته محسن نقويءَ سان نياز اسٽيڊيم لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن، حيدرآباد ۽ سکر ۾ به هڪ اسٽيڊيم ٺيهر يهو آهي، هنن چيو هو ته ڪڻڪ جو اگهه عالمي قميت جي حساب سان رکيو ويندو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون