تازه ترين

پي ٽي آءِ باني پويان ڪو آهي، جيڪو سندس حمايت پيو ڪري، کيس سپورٽ ڪندڙ ڪو پرڏيهي به ٿي سگهي ٿو: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پويان ڪو آهي، جيڪو سندس حمايت پيو ڪري، کيس سپورٽ ڪندڙ ڪو پرڏيهي به ٿي سگهي ٿو، هي ڪهڙو قيدي آهي، جنهن کي سزا ٿي وئي پر پارٽي هلائي رهيو آهي. حيدرآباد ۾ يونين آف جرنلسٽس جي پروگرام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪڏهن ڪنهن کي اهڙي سهولت ملي؟ جيل مان سينيٽر چونڊجي ۽ حڪومتون ٺهي رهيون آهن. هن چيو ته  اليڪشن ڪميشن جي فارن فنڊنگ فيصلي باوجود کيس سزا نه ملي، هڪ پاڪستاني شهري کي ڀارت ۽ اسرائيل مان ڇو فنڊنگ ڪئي وئي؟ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت منشيات خلاف جهاد ڪري رهي آهي، ڪرسٽل ۽ آئس آپگهاتي بمبار آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ صحافين مدد گهرجي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداريءَ سڀني کي گڏ ويهڻ لاءِ چيو، صدر آصف علي زرداري امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف سخت ايڪشن جو حڪم مليل آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته محسن نقويءَ سان نياز اسٽيڊيم لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن، حيدرآباد ۽ سکر ۾ به هڪ اسٽيڊيم ٺيهر يهو آهي، هنن چيو هو ته ڪڻڪ جو اگهه عالمي قميت جي حساب سان رکيو ويندو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
11 %
3.1kmh
2 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون