- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ 9 مئي ۽ ٻين 5 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ 27 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي غير موجودگيءَ سبب ضمانت جي درخواستن تي دليل نه ٿي سگهيا، جنهن سبب عدالت ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي طرفان ايڊووڪيٽ شمسه ڪياني عدالت ۾ پيش ٿي.
پي ٽي آءِ باني خلاف 9 مئي، قتل جي ڪوشش، جعلي رسيدن سميت ٻيا ڪيسن داخل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف مبينا جعلي رسيدون جمع ڪرائڻ تي ڪيس داخل آهي.- Advertisement -
