تازه ترين

پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ

- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ 9 مئي ۽ ٻين 5 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پي ٽي آءِ باني کي گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ 27 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي غير موجودگيءَ سبب ضمانت جي درخواستن تي دليل نه ٿي سگهيا، جنهن سبب عدالت ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي طرفان ايڊووڪيٽ شمسه ڪياني عدالت ۾ پيش ٿي. پي ٽي آءِ باني خلاف 9 مئي، قتل جي ڪوشش، جعلي رسيدن سميت ٻيا ڪيسن داخل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف مبينا جعلي رسيدون جمع ڪرائڻ تي ڪيس داخل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
34 %
4.7kmh
16 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون