تازه ترين

پي ٽي آءِ جو صدر پرويز الاهي ٻيهر گرفتار

پي ٽي  آءِ جي مرڪزي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي آڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد وري گرفتار ڪيو ويو، سندس راهداري رمانڊ منظور ڪيو، کيس سڀاڻي لاهور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پرويز الاهيءَ جي نظربنديءَ جي حڪم جو مدو ختم ٿيڻ تي کيس اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.

آزاد ٿيندي ئي پرويز الاهيءَ کي نيب ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب چوڌري پرويز الاهيءَ کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان سندس هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ ورتو ويو.

چوڌري پرويز الاهيءَ کي سڀاڻي لاهور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

نيب اثاثن واري ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهيءَ جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا هئا

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
22 %
7.2kmh
19 %
ڇنڇر
8 °
آچر
8 °
سُومر
9 °
اڱارو
11 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون