پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي آڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد وري گرفتار ڪيو ويو، سندس راهداري رمانڊ منظور ڪيو، کيس سڀاڻي لاهور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
پرويز الاهيءَ جي نظربنديءَ جي حڪم جو مدو ختم ٿيڻ تي کيس اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.
آزاد ٿيندي ئي پرويز الاهيءَ کي نيب ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
نيب چوڌري پرويز الاهيءَ کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان سندس هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ ورتو ويو.
چوڌري پرويز الاهيءَ کي سڀاڻي لاهور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
نيب اثاثن واري ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهيءَ جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا هئا