بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو وفاق تي ٽيون حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، تحريڪ انصاف معيشيت تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا آهن، بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪارڪن کي ڇڏي ڀڄي ويا، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، يورپ ۾ پي آءِ اي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، پي آءِ اي اڏامن جي بحالي لاءِ عوام کي سفر ۾ سولائي ٿيندي.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 24 نومبر تي تحريڪ انصاف جي ڌرڻي جو سڏ ڏنو، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ رنڊڪون پار ڪري اسلام آباد پهتا، جي ٽي روڊ تي جيڪو ڪجهه ٿيو عوام ڏٺو.
سندس چوڻ هو ته احتجاج دوران رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا، سوين پوليس وارا زخمي ٿيا، پهرين رڪاوٽ کي منهن ڏيڻو پيو ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪارڪن کي ڇڏي ڀڄي ويا.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ جو وفاق تي ٽيون حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، تحريڪ انصاف معيشيت تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ لاشن جي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، هر تحريڪ انصاف اڳواڻ پنهنجا نمبر ٻڌائي رهيو آهي.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور هزارين ماڻهن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪنهن مارجي ويل جي وارثن جي وڊيو سامهون ناهي آئي، تحريڪ انصاف جي ڪي پي حڪومت مڪمل تياري سان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد تي حملو ڪيو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، يورپ ۾ پي آءِ اي اڏامن جي بحالي سٺو سنوڻ آهي، پي آءِ اي اڏامن جي بحالي لاءِ عوام کي سفر ۾ سولائي ٿيندي……..