تازه ترين

پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي جسماني رمارنڊ ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابو الحسنات پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف  سائفر ڪيس جي بند ڪمري ۾ ٻڌڻي ڪئي، ايف آءِ اي طرفان شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو ويو.

عدالت ۾ شاهه محمود قريشي طرفان سينيئر وڪيل شعيب شاهين ۽ ايف آءِ اي جو اسپيل پراسيڪيوٽر شاهه خاور عدالت ۾ پيش ٿيا.

اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر کي جلسي ۾ لهرايو، شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته سائفر جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٿي سگهن ٿيون.

شاهه محمود قريشيءَ عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي وزير طور هن سائفر کي پرڏيهي وزارت موڪليو، هن چوري نه ڪيو.

ايف آءِ اي شاهه محمود قريشيءَ جي وڌيڪ نون ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.

عدالت دليل ٻڌڻ بعد شاهه محمود قريشي کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون