تازه ترين

پي ٽي آءِ دور ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو  ويو : مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو  ويو، وڏي وزير کي اطلاع ئي نه ڏنو ويندو هو ته وزيراعظم اچي رهيو آهي، شهباز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ کي حمايت ملي،  ڪورونا وائرس ۽ برساتي ٻوڏ دوران حڪومتي مشينري بهترين نموني ڪم ڪيو، سندس ايڊوائس تي گورنر اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي، اميد آهي ته نگران وڏي وزير جي چونڊ اتفاق راءِ سان ٿي ويندي.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته نگران وڏي وزير جي اچڻ تائين هو عهدي تي رهندو، اميد آهي ته نگران وڏي وزير جي چونڊ اتفاق راءِ سان ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو ته نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي کي به 3 ڏينهن ڏنا ويندا ۽ ڪميٽي ۾ فيصلو نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 2013ع ۽ 2018ع ۾ به وڏي وزير تي متفقه فيصلو ٿيو هو، سڄي ڪابينا جو ٿورائتو آهي، پنج سال انتهائي ڏکيا هئا پر هو ثابت قدم رهيا.

هن چيو ته آگسٽ 2018ع ۾ حڪومت اچڻ جي ڪجهه مهينن بعد وفاقي حڪومت ۽ مخالف ڌر غير جمهوري قدم کنيا، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اهڙو ماحول پيدا ڪيو اسيمبلي نه هلي سگهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ائين ڪڏهن ناهي ٿيو ته وڏي وزير جي مقرري نه ڪرڻ ڏني وڃي، پنج ڇهه خراب مڇيون اچي وڃن ته سڄو تلاءَ خراب ڪري ڇڏينديون آهن.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ دور ۾ سنڌ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو  ويو، وڏي وزير کي اطلاع ئي نه ڏنو ويندو هو ته وزيراعظم اچي رهيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم منٽن لاءِ ڪراچي ايندو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين سنڌ حڪومت ۽ سنڌ کي مڪمل نظر انداز ڪيو، شهباز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ کي حمايت ملي.

هن چيو ته ماضي ۾ ٻوڏ دوران وفاق طرفان مدد ٻڙي رهي، خبرون هلايون ويون ته سنڌ جو وڏو وزير گرفتار ٿيڻ وارو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهن جنهن سنڌ جا دورا ڪيا هو جڏهن به ايندو هو چوندو هو ٻوڏ جو پاڻي ڪيئن نيڪال ڪجي، وزيراعظم ڪڻڪ بابت چيو ته تمام وڏو بحران ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته پارٽي قيادت جي سهڪار سبب ڏکيائين تي ضابطو آندو ۽ سنڌ ۾ رڪارڊ ڪڻڪ جي پيداوار ٿي، صوبائي مشينري ٻوڏ دوران ڏينهن رات ڪم ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا ۾ ڊاڪٽرن جي راءِ تي قدم کنيا ۽ ان دوران سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو پر ڪورونا ۾ سنڌ جي ڊاڪٽرن ۽ عوام جي ڪوششن سان ملڪ کي فائدو ٿيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه نين ڀرتين خلاف اسٽي آرڊر تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نيون ڀرتيون روڪڻ بيروزگار نوجوانن سان زيادتي آهي، ڪو سينئر وڪيل ڪري عدالت مان اسٽي آرڊر وٺڻ سولو ٿي ويو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پوليس جا جوان ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري رهيا آهن، بزدل ڌاڙيل پنهنجي ناڪامي ڏسي ڪارروايون پيا ڪن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون