پي ٽي آءِ چيئرمين توشا خانا ڪيس ۾ نااهلي معطل ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين توشا خانا ڪيس جو فيصلو معطل ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.
داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن توشا خانه ڪيس ۾ سزا بعد نااهليءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهليءَ جو نوٽيفڪيشن توشا خانا ڪيس ۾ سزا جي بنياد تي جاري ٿيو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪشن معطل ڪيو وڃي.
اسلام آباد هائيڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.