تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين جون ستن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت واريون درخواستون رد

پي ٽي آءِ چيئرمين جون ستن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت واريون درخواستون رد ٿي ويون آهن.

9 مئي واقعن جي ستن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانت وارين درخواستن تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر ڪئي.

پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر سلمان صفدر چيو ته هن ضمانت کي ملتوي ڪيو وڃي، قانوني نقطي تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو وقت مليو، عدالت يا پراسيڪيوٽر وڌيڪ مهلت جي مخالفت ڪندا ته هو دليل ڏيندو.

جج وڪيل کي چيو ته اوهان منهنجو حال به همايون دلاور جهڙو نه ڪيو، دليل ڏيو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اوهان همايون دلاور ناهيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي فني بنيادن تي عبوري ضمانتون رد نه ڪيون وڃن.

عدالت چيو ته سزا ٻڌايل شخص عدالت ۾ پيش نه ٿا ٿين، جڏهن اوهان جو اصيل ٻاهر هو تڏهن به نه ايندو هو.

عدالت دليل ٻڌڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين جون ستن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
19 %
1.5kmh
0 %
ڇنڇر
19 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون