امريڪي نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته امريڪا جو چيئرمين تحريڪ انصاف ۽ وائيٽ هائوس ٻاهران پاڪستانين جي مظاهري سان ڪوبه واسطو نه آهي.
جان ڪربي پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيئرمين تحريڪ انصاف جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي.
سندس چوڻ آهي ته چيئرمين تحريڪ انصاف جي معاملي تي پاڪستاني حڪومت ئي موقف ڏئي سگھي ٿي.
جان ڪربي موجب، سڄي دنيا جا ملڪ يوڪرين جي مالي، اخلاقي ۽ هٿيارن جي حوالي سان مدد ڪري رهيا آهن.
امريڪي نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان يوڪرين جي مدد ڪئي آهي ته ان تي پاڪستان ڳالهائي سگھي ٿو، ڪيترائي ملڪ يوڪرين جي مدد ڪرڻ تي عوامي ڌيان نٿا چاهين……
