تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ بئنچ عمران خان جي سزا معطلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ جو مددگار وڪيل پيش ٿيو.

امجد پرويز جي وڪيل عدالت کي چيو ته اٺن مهينن کان هنن التوا ناهي گهري، ڊاڪٽر امجد پرويز کي بيڊ ريسٽ تجويز ڪئي آهي، سندس وڪالت نامو هن ڪيس ۾ ناهي.

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سزا معطلي واري درخواست اهم اسٽيج تي  آهي، پندرهن کان ويهن منٽن ۾ دليل مڪمل ٿيڻا آهن، جمعي کي ڊي بي نه هئي، هو ڪيس سومر تائين ملتوي ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪو نه آيو ته هو فيصلو ڪندا.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته هڪ شخص ويهن ڏينهن کان جيل ۾ آهن، ٽي ڏينهن وڌيڪ هو اندر رهندو، پوءِ هو به عدالت ۾ پيش نه ٿيندا، اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪجو.

عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون