پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ٽن ڪيسن ۾ ضمانت خارج ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت سندس ضمانت خارج ڪري ڇڏي.
اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف کنا ٿاڻي ۾ 2 ۽ باره ڪهو ٿاڻي تي هڪ ڪيس داخل آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان عمران خان جي عدم حاضري تي ضمانتون خارج ڪيون.
ان کان اڳ لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ستن ڪيسن ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ضمانت خارج ڪري ڇڏي هئي