تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ٿيڻ جي هدايت

اسلام آباد جي عدالت طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين کي توشا خانا ڪيس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ اڄ ذاتي حيثيت ۾  پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته  عدالت  بيان قلمبند ڪرڻ جي تاريخ وڌائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وڪيل ڪيس کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

اسلام آباد جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران  پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هائيڪورٽ ۾ معاملو ٻڌڻي هيٺ هو ۽ هتي ڪارروائي ٿيندي رهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي هائيڪورٽ جي ڊائري برانچ کان نيب گرفتار ڪيو، ٻئي ڏينهن پوليس لائن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته فرد جرم جي ڪارروائي تي سندن ٽي اعتراض آهن.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو فرد جرم لاڳو ٿيڻ واري ڏينهن جو واقعو آهي.

خواجه حارث چيو ته اليڪشن ڪميشن شاهدن کان بيان جو رڪارڊ طلب ڪيو، سيشن عدالت جي فيصلن بابت مختلف عدالتن ۾ ڀڄي رهيا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته موجوده صورتحال موجب سيشن ڪورٽ ٽرائل جاري رکي سگهي ٿي، اڃا ٽرائل جاري آهي، فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي، ٽرائل جاري رکڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي.

جج رمارڪس ڏيندي چيو ته  پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواستن جو مقصد ٽرائل ۾ دير ڪرائڻ آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس سينئر وڪيل خواجه حارث جو رويو سڀني سامهون آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون