تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ٿيڻ جي هدايت

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين کي توشا خانا ڪيس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ اڄ ذاتي حيثيت ۾  پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته  عدالت  بيان قلمبند ڪرڻ جي تاريخ وڌائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وڪيل ڪيس کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران  پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هائيڪورٽ ۾ معاملو ٻڌڻي هيٺ هو ۽ هتي ڪارروائي ٿيندي رهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي هائيڪورٽ جي ڊائري برانچ کان نيب گرفتار ڪيو، ٻئي ڏينهن پوليس لائن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته فرد جرم جي ڪارروائي تي سندن ٽي اعتراض آهن. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو فرد جرم لاڳو ٿيڻ واري ڏينهن جو واقعو آهي. خواجه حارث چيو ته اليڪشن ڪميشن شاهدن کان بيان جو رڪارڊ طلب ڪيو، سيشن عدالت جي فيصلن بابت مختلف عدالتن ۾ ڀڄي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته موجوده صورتحال موجب سيشن ڪورٽ ٽرائل جاري رکي سگهي ٿي، اڃا ٽرائل جاري آهي، فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي، ٽرائل جاري رکڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته  پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواستن جو مقصد ٽرائل ۾ دير ڪرائڻ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس سينئر وڪيل خواجه حارث جو رويو سڀني سامهون آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
48 %
3.7kmh
100 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون