تازه ترين

پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم شهباز شريف کي ڏئي ڇڏيو

پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم شهباز شريف کي ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين جو اجلاس ختم ٿي ويو.

ذريعن موجب، پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم شهباز شريف کي ڏئي ڇڏيو.

اتحادين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جنهن کي مناسب سمجهي نگران وزيراعظم نامزد ڪري.

پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين وزيراعظم شهباز شريف کي مخالف ڌر جي اڳواڻ سان نگران وزيراعظم جي نالي تي صلاح مشورن جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب، پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين وزيراعظم شهباز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

شاهد خاقان عباسي، حفيظ شيخ، اسلم ڀوتاڻي ۽ فواد حسن فواد نگران وزيراعظم جا اميدوار آهن جڏهن ته ذوالفقار مگسي جي نالي تي به غور ڪيو ويو ۽ سمورا نالا وزيراعظم کي پيش ڪيا ويا.

ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف هاڻي نگران وزيراعظم لاءِ ڏنل نالن تي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان صلاح مشورا ڪندو .

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون