تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پڪاچانگ شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

فيض گنج تعلقي جي هيڊڪواٽر شهر پڪا چانگ ۾ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال ڪري شهري اتحاد جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

هڙتال سبب پڪا چانگ شهر ۾ ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته شهري اتحاد جي سڏ تي احمد حسين چانگ، تصور باقي، اعظم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي، گذريل ڏينهن سيٺ الهڏنو ميمڻ جي دڪان مان هٿياربندن ڏينهن جو هٿيارن جي زور تي ڏيڍ لک رپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا.

هنن چيو ته دڪاندارن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، شهر اندر روزانو چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهي، پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آهي.

سندن چوڻ هو ته رهواسي توڙي ڪاروباري ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار بڻجي چڪا آهن، سڄو ڏينهن پورهيو ڪري وري ماڻهن کي رات جو چورن جي خوف سبب جاڳڻو پوي ٿو.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
21 %
3.1kmh
96 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون