تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پگهار دار طبقي وانگر واپارين کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو: محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهار دار طبقي وانگر واپارين کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، رپئي جي ملهه اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خساري کي ختم ڪرڻو پوندو، ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ پرائيويٽائيزيشن طرف وڌڻو پوندو، سهولتون ڏيندا، ڳالهيون ڪندا پر پنهنجي ٽريڪ تان پوئتي نه هٽندا، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ لڳا آهن. لاهور ۾ پري بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن کين ڏکي وقت مان نڪرڻو آهي ته خانگي شعبي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت جو ڪم پاليسي جوڙڻ آهي، ڪم خانگي شعبي کي ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پگهاردار طبقو به ٽيڪس نيٽ ۾ شامل آهي، واپاري برادري کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، کين اسٽرڪچرل ريفامز جي ضرورت آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خساري کي ختم ڪرڻو آهي، ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرا 9 بلين ڊالرز کان وڌي ويا آهن، رپئي جو ملهه اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي پاليسين سبب پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي استحڪام لاءِ خانگاهڻ طرف وڃڻو پوندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت کي دستاويزي بڻائيندا، آءِ ايم ايف ٽيم پاڪستان پهچي چڪي آهي، ڳالهين جي شروعات جلد ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون