تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

پ پ، مسلم ليگ نون کي وزيراعظم جو ووٽ ڏئي ڪري به مخالف ڌر ۾ ويهي سگهي ٿي : فيصل ڪريم

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پ پ، مسلم ليگ نون کي وزيراعظم جو ووٽ ڏئي ڪري به مخالف ڌر ۾ ويهي سگهي ٿي، سيٽن جي سرسي ته آزاد اميدوارن کي به حاصل آهي، بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي طرفان وزيراعظم جو اميدوار آهي، مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت فيصلو سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ڪندي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جو موقف آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو اميدوار آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪابه پارٽي ان پوزيشن ۾ ناهي ته پيپلزپارٽي کانسواءِ حڪومت ٺاهي سگهي، ن ليگ جي ميمبرن جي انگ ۾ سرسي جي ڳالهه ڪجي ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوارن کي به سرسي حاصل آهي پر ڪابه حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هن چيو ته شام پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس آهي جنهن ۾ تجويزون پيش ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو پر سندس ذاتي تجويز آهي ته بلاول وزيراعظم نه بڻجي ته بهتر آهي، هو حڪومت جو حصو نه بڻجن ۽ اپوزيشن ۾ ويهن.

هن چيو ته جمهوري حڪومتن ۾ ٻيهر چونڊون ٿي سگهن ٿيون پر اها سندس ذاتي تجويز آهي، جڏهن ته گذريل 16 مهينن جو تجربو سٺو نه رهيو آهي، جيڪڏهن ٻيهر پي ڊي ايم پارٽي ٽو آئي ته هو نه ٿو سمجهي ته سٺي طريقي سان هلي سگهندي ۽ پارٽي جي ماڻهن کي ان بابت خدشا آهن.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو نون ليگ جي وزيراعظم کي ووٽ ڏين ۽ اپوزيشن ۾ ويهي رهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو هجي يا نه هجي، پر هو بهتر اپوزيشن ڪري سگهن ٿا.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ جي معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، حڪومت کي ڪيترائي چئلينجز آهن، جن کي حڪومت کي منهن ڏيڻو پوندو، ايندڙ حڪومت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار به ٿيندي، ان وٽ اڪثريت به نه هوندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون