تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پ پ، مسلم ليگ نون کي وزيراعظم جو ووٽ ڏئي ڪري به مخالف ڌر ۾ ويهي سگهي ٿي : فيصل ڪريم

- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پ پ، مسلم ليگ نون کي وزيراعظم جو ووٽ ڏئي ڪري به مخالف ڌر ۾ ويهي سگهي ٿي، سيٽن جي سرسي ته آزاد اميدوارن کي به حاصل آهي، بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي طرفان وزيراعظم جو اميدوار آهي، مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت فيصلو سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ڪندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جو موقف آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جو اميدوار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪابه پارٽي ان پوزيشن ۾ ناهي ته پيپلزپارٽي کانسواءِ حڪومت ٺاهي سگهي، ن ليگ جي ميمبرن جي انگ ۾ سرسي جي ڳالهه ڪجي ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوارن کي به سرسي حاصل آهي پر ڪابه حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هن چيو ته شام پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس آهي جنهن ۾ تجويزون پيش ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو پر سندس ذاتي تجويز آهي ته بلاول وزيراعظم نه بڻجي ته بهتر آهي، هو حڪومت جو حصو نه بڻجن ۽ اپوزيشن ۾ ويهن. هن چيو ته جمهوري حڪومتن ۾ ٻيهر چونڊون ٿي سگهن ٿيون پر اها سندس ذاتي تجويز آهي، جڏهن ته گذريل 16 مهينن جو تجربو سٺو نه رهيو آهي، جيڪڏهن ٻيهر پي ڊي ايم پارٽي ٽو آئي ته هو نه ٿو سمجهي ته سٺي طريقي سان هلي سگهندي ۽ پارٽي جي ماڻهن کي ان بابت خدشا آهن. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو نون ليگ جي وزيراعظم کي ووٽ ڏين ۽ اپوزيشن ۾ ويهي رهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو هجي يا نه هجي، پر هو بهتر اپوزيشن ڪري سگهن ٿا. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ جي معاشي ۽ سڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، حڪومت کي ڪيترائي چئلينجز آهن، جن کي حڪومت کي منهن ڏيڻو پوندو، ايندڙ حڪومت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار به ٿيندي، ان وٽ اڪثريت به نه هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون